غزل
اسحاق سميجو
ڪنھن ٽانڊي تي دل جي خاڪِ رکِي سگهجي ٿي
توکان پوءِ به ٿوري پِيڙ وٺي سگهجي ٿي
ھڪڙي سيلفي ڌار ٿيڻ جي ويل به وٺجي
ڪنھن ڪيفي ۾ آخري چانھ به پي سگهجي ٿي
معنا سڀ ڪجھ ناھي، پيار لغت ٿورئي آ
ھيء حياتي بي معنا به ته جِي سگهجي ٿي
ڪنھن سھڻيء سان واڪِ به ھڪڙو جيون آھي
حد چئبي، جي ھلندي ٻانھٓن ڇُھي سگهجي ٿي..
ھر نئون عشق اذيت ھوندو، ڪيئن ٿو سوچين
ڪيئن ٿو سوچين پاڳل، راند کٽِي سگهجي ٿي
تاثرات (0)
اڃا ڪو تاثر ناهي.
لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو