📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو شاعري غزل

غزل

✍️ ايڊيٽر ·📅 01 جون 2026 ·🏷️ شاعري ·⏱️ 1 منٽ ·👁 16
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ
غزل

غزل
ڏِيو ٿا نِت ھزارين غم، اِھي ڪرم ڪِٿي رکان؟
اسان کي پنھنجا غَم گهڻا، اوھان جا غم ڪِٿي رکان؟
اُداسِي چَھري جِي سڄِي، مون مُرڪ ۾ ڍَڪي ڇڏِي،
اڃا به ھِڪڙي دِقّت آ، اَکيون ھِي نَم ڪِٿي رکان؟
ھونھِين ڪي دِقّتون بَڻيون اِظھار ۾، مگر زبان
ھِيءَ تُنھنجِي تيلگُو، تَمِل، مَلايَلم ڪِٿي رکان؟
حياتِي؛ رُڃ ۾ ڦُٽي ڪِنھن آس ٻُوٽِي جو اُڳڻ،
حياتِي ھوند آھي پڻ دُکم دُکم، ڪِٿي رکان؟
ٿو آئون پنھنجَي حال جو احوال توسان ئي ڪيان
ھيءُ ھوند توکي ٿي ھضم، نه ٿي ھضم، ڪِٿي رکان!؟
معصوم ساحِل

تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
📖
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو