📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو› ڪهاڻي› ظالم اعظم

ظالم اعظم

✍️ طارق قريشي ·📅 30 مئي 2026 ·🏷️ ڪهاڻي ·⏱️ 19 منٽ ·👁 18
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ
ظالم اعظم

سڀ همراهه، هن ڏي نهارڻ لڳا. هن نالا وٺڻ شروع ڪيا.
چنگيز خان
ميڪاولي.
هني بال.
جنرل فرنڪو.
هلاڪو خان.
اسٽالن.
مسوليني.
جنرل ڊائر....
هو نالا وٺندو رهيو، هر ڪو همراهه پنهنجي نالي تي هٿ مٿي پيو ڪري ۽ چئي پيو حاضر آهيان.
پهريدار سڀني همراهن جي حاضري ختم ڪري کين ڪجهه دير لاءِ ڏسي چوڻ لڳو،
اڄ توهان کي دوزخ مان آزادي ملندي.
سڀني همراهن کان رڙ نڪري وئي.
ها، اڄ اوهان کي معافي ملي آهي، هاڻي اوهان کي دوزخ جي آخري درجي مان آزادي ملڻ کان پوءِ بهشت جي آخري ڪلاس ۾ رهايو ويندو، نه ته ائين اڄ تائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جو آخري درجي جا جهنمي ايترو جلد آزاد ٿيا هجن.
سڀ همراهه هڪ ٻئي ڏي حيرت ۽ بي يقيني سان ڏسيندا رهيا هئا.
وات نه ڦاڙيو هاڻي هلو.
وڏي پهريدار چيو.
وڏو پهريدار کين دوزخ مان ٻاهر وٺي ويو، هو سڀ دوزخي هئا، هو جڏهن دوزخ مان نڪتا ته کين ويساهه ئي نه پيو اچي ته هو ڪڏهن ائين ئي آزاد ٿيندا. خبر نه هئي ته ڪيترا ورهيه ٿي ويا هئا، جو هو مرڻ کان پوءِ يڪو جهنم ۾ هئا. ڪن کي ته هزار ورهين کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو هو. هو جهنم جي شديد عذاب، سبب هو روز ۽ هر وقت جيئندا ۽ مرندا هئا. پهريدار کين وٺي بهشت جي دروازي تي آيو. دروازي جي لڳل ڪال بيل تي آڱر رکيائين ٿوري دير ۾ ئي هڪ ٺاهوڪو ننڍو نيٽو سهڻو نينگر نڪري آيو. هڪڙي همراهه پهريدار کان پڇيو،
هي ڇوڪرو بهشت جو داروغو آهي ڇا؟
نه پهريدار وراڻيو.
هتي پهريدار ۽ داروغن جي ضرورت ڪانهي، هي ڇوڪرو جنت جو غلمان آهي.
غلمان چيو مهرباني ڪري اندر هلو، چيف غلامن کي اوهان جو ئي اسيئڙو آهي.
هو سڀ اندر هليا، دوزخ جو دارغو اندر وڃڻ بدران واپس موٽي ويو.
غلمان هنن کي وٺي چيف غلمان وٽ آيو. چيف غلامن آڌر ڀاءُ ڪندي چيو،
سڀ کان اڳ توهان کي مبارڪون هجن، جو توهان کي آزادي ملي، هاڻي توهان بهشت جي ٽئين درجي جا شهري آهيو. پر پهرين توهانجو تعرف ٿي وڃي.
چيف غلامن جيڪو ڏاڌو سهڻو جوانڙو هو، پنهنجي خوبصورت اکين سان هڪڙي همراهه، جنهن کي پوپٽ جهڙيون مڇون هيون ۽ قد جو ٿورو ننڍيرو هو، تنهن کان اشارو ڪندي پڇائين.
تنهنجو نالو؟
منهنجو نالو هٽلر آهي.
همراهه وراڻيو.
چيف غلامن هڪڙي نڪ بني کان، جنهن جا شهپر ڪرڙيءَ جي پڇ جهڙا هئا پڇيو،
تنهنجو نانءُ ڇا آهي.
مان چنگيز خان آهيان.
۽ تون؟
چنگيز کان جي ڀر ۾ بيٺل کان سوال ڪيو.
ڪير مان؟ مان هلاڪو خان آهيان.
واري واري سان تعرف ٿيندو رهيو، تعرف کان پوءِ چيف غلمان چيو،
توهان کي هاڻي اجازت آهي ته توهان وڃي بهشت ۾ رهو، گهمو ڦرو ۽ موج ڪريو.
مسوليني چيو، ڀلائي ڪري ڪو ڪمبل يا گرم ڪوٽ ڏيو، دوزخ مان يڪدم بهشت ۾ اچڻ سان آبهو جي تبديلي سان بيمار ٿي پيو آهيان.
چيف غلمان چيو گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، توهان لاءِ ٺهيل هاسٽل جي ڪمرن ۾ ڪولنگ ۽ هيٽنگ جو بندوبست ٿيل آهي.
ڀلا اهو ٻڌائيندو ته هيترا ورهيه دوزخ ۾ رهائڻ کانپوءِ اسان کي آزاد ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟
اسٽالن پڇيو.
چيف غلمان مرڪيو ۽ چوڻ لڳو،
هاڻي دوزخ جي هن آخري درجي ۾ توهان کان به وڌيڪ ظالم ۽ گنهگار رکيا ويندا.
چنگيز خان کان ٽهڪ نڪري ويو،
اسان ته ظالم اعظم آهيون. اسان کان به وڌيڪ ڪو ظالم ۽ گنهگار دنيا ۾ هوندو ڇا؟
ها، ان ۾ ڏندن جي نمائش ضروري ڪانهي.
چيف غلمان جي خوبصورت مک تي ناراضگيءَ جو تاثر پيدا ٿيو.
چيف غلمان جي آفيس جو دروازو کليو، هڪڙي حسين دل نشين حُور ٽري ۾ شربت جا گلاس کڻي آئي، حُور کي ڏسي سڀني جو وات پٽجي ويو، حُور ٽري ميز تي رکي، پنهنجي خوشبوءِ ڇڏيندي کلندي ٽلندي هلي وئي. چيف غلمان تقريباَ رڙ ڪندي چيو،
شربت پيو.
هُو سڀ هڪدم هوش ۾ اچي ويا ۽ شربت پيئڻ لڳا، هلاڪو خان ڊڪ ڀري چيو،
اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اسان کان به وڌيڪ خراب آهن، جن کي اسان جي جاءِ تي رکيو ويندو؟
شام جو توهان لاءِ ٺاهيل سينيما ۾ انهن ماڻهن جي فلم هلائينداسين ته ڏسي وٺجو. هاڻي توهان وڃو، وڃي آرام ڪريو، توهان کي شام جو فلم ڏيکاري ويندي.
هو هڪڙي غلمان سان ائير ڪنڊيشنڊ ماحول ۾ داخل ٿيا، گهڻن کي ان وقت ئي نشون آيون ۽ فلو ٿي پيو، پر حيرا سڀئي هئا. وڏا وڏا سر سبز ميدان ۽ جبل، خوبصورت واديون جن ۾ ماکي جون نهرون ۽ کير جا آبشار وهي رهيا هئا، چوڌس وڻ ئي وڻ هئا، جن ۾ هر هنڌ ۽ هر قسم جو ميوو هو، وڏن ننڍن، سندر وڻن تي سهڻا پکي ٻوليون ٻولي رهيا هئا، هيٺ مٿي ڪيئي ماٿريون هيون، ڪٿي ڪٿي شربت جا آبشار وهي رهيا هئا ته ڪٿي شراب جون نهرون به هيون، ماحول ۾ سڳنڌ ۽ هڳاءُ هو، شايد مشڪ ۽ کٿوريءَ جي ڇڻڪار ٿيل هئي. ٻيو وري انيڪ قسم جا گل ٽڙيا ۽ کڙيا پيا هئا، هو اڃان بهشت جي حسن کي چڱي طرح ڏسي نه سگهيا هئا ته کين بهشت جي حُورن کي ڏسڻ پئجي ويو، هڪڙي حُور کي ڏسي سمجهيائون ته حُسن ۽ سونهن جو شاهڪار اِها آهي ته وري ٻئي حُور ڏسي پنهنجي راءِ بدلائين پيا. هڪڙي حُور هٽلر کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي،
اچ ته توکي ماکيءَ جي نهر مان ماکي پياريان.
حُور انگورن جي وڻ مان هڪ پڪل ڇڳو پٽي هٽلر کي کارايو. حور کيس وٺي هڪ محل نما عمارت ۾ آئي. چيائينس،
هي تنهنجو ڪمرو آهي.
هٽلر چيو،
هي ڪمرو آهي........ هي ته محل آهي!
حوُر ٻڌايس ته
هتي ڪمرو هن کي چئبو آهي. محل ته ٻئي درجي وارن جنتين لاءِ آهن. انهن کي ته توهان کان به وڌيڪ سندر حورون ۽ غلمان مليل آهن.
هٽلر سوچڻ لڳو: اسان ٽئين درجي وارا اهڙي مزي ۾ آهيون، ته ٻئي ۽ پهرئين درجي وارن کي ته الائجي ڇاڇا هوندو! هو ڪو وقت حوُر سان وندريو رهيو.
سندس ساٿي به ائين يڪو بي خودي ۾ هئا، هوش تڏهن آين جڏهن چيف غلمان اچي کين چيو،
بهشت جي سئينما ۾ هلي فلم ڏسو.
هنن همراهن وڃڻ تي نيت ئي ڪانه هئي، پر چيف غلمان کين چيو،
بهشت جو ماحول خراب نه ڪيو، هتان جي ڊسيپلين تي هلڻو پوندو.
هو چيف غلمان جو دڙڪو ٻڌي ساڻس گڏ سئنيما پهتا. چيف غلمان کين ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيو،
هن فلم ۾ ظالمن جو ظلم ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ته ڪير ظالم اعظم آهي؟
فلم شروع ٿي، هڪڙي وستيءَ ۾ ٻار ٻڍا، عورتون ۽ نوجوان هئا، هر ڪو پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪم ڪار ۾ جنبيو پيو هو. اوچتو هڪڙي پاسي کان هٿيار بند ماڻهو آيا ۽ هٿين خالي بيگناهه ماڻهن تي گوليون وسائڻ شروع ڪيائون، ماڻهو ڪرندا پيا وڃن. مرندا پيا وڃن، ڪي ڦٽيا ۽ ڪيترا مارجي ويا. ٿوري دير ۾ فوجي ٽرڪون آيون، فوجي لٿا ۽ لاشن تي روئندڙن کي ماريندا گهليندا گرفتار ڪري وٺي ويا.
وري ٻيو منظر: مختلف گهٽيو، مختلف شهر، ظلم جا راڪاس آدم بوءِ آدم بوءِ ڪن ٿا. مظلوم ماڻهو هٿن ۾ مقدص ڪتاب ۽ اڇا جهنڊا کڻي، امن امن ٻاڪاري رهيا هئا. پر گوليون هلنديون رهيون.......
ٽيون منظر: ٽارچر سيل ۾ قيدي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن، مارڻ وارا کين ماري رهيا آهن، قيدين جي زخمن تي لوڻ ۽ پيٽرول ڇڙڪي رهيا آهن، اماڙين جا ڏنب ڏئي رهيا آهن، ۽ انهن جا ننهن ڇڪي رهيا آهن.
اڙي هي ڇا؟ قيدين جي جسمن ۾ ڊرل مشين جا سورخ ڪري رهيا آهن، اليڪٽڪ وائر سان سندن ڪن ۽ نڪ ۾ ڪرنٽ هڻي رهيا آهن، اف!........... ايڏو ظلم.
جنرل ڊائر پريشان ٿي چيو.
اوهه هي ڇا پيو ٿئي! اڙي هي قيدي ته مري ويا. هنن قيدين جي مرده جسمن تي به ڦٽڪا پيا هڻن.
اف باقي بچيل قيدي جيئري ئي مردن وانگر ٿي ويا آهن.
چوٿون منظر: کوڙ ماڻهو هٿيار کڻي گهر ۾ گهرن ٿا ۽ پيگهي مان معصوم ٻار کڻي هوا ۾ اڇلائي گوليءَ سان نشانو بنائين ٿا.
هي ڇا؟ هڪڙي ڪمزور عورت سان ٽي ڄڻا وحشي زيادتي ڪن ٿا، اڙي هي ڇا؟ ريپ ڪرڻ کان پوءِ سندس مخصوص عضوا وڍي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.
اُف........ توبنهه.
ميڪاولي ۽ هني بال اکين تي هٿ رکي ڇڏيو. جنرل فرانڪو تي غشي طاري ٿي وئي، هلاڪو خان روئي ڏنو.
پنجون منظر: هي هڪ پاڙو آهي، جتي مسڪين ماڻهو رهن ٿا ۽ هن مسڪينن جي پاڙي تي هٿيار بندن جو حملو ٿيو آهي، سامان لٽجي رهيو آهي، هڪڙي پيرسن ۽ ان جي زال جا هٿ پير ٻڌي، انهن جي جوان ٻچڙن کي انهن جي اکين آڏو ڪهي رهيا آهن.
اڙي هي ڇا؟ لوهي شيخ تپائي اهي وهشي، نياڻين جي جسمن تي ٺپا هڻي رهيا آهن ۽ پوءِ... انهيءَ پيرسن ۽ ان جي زال مٿان پيٽرول ڇڻڪي باهه ڏئي رهيا آهن.
اف خدايا.... ايڏو ظلم. زندهه انسانن کي جلايو ٿو وڃي، چوڌس ساڳيو ئي ڪهرام آهي ساڳيو ئي ظلم.
بند ڪريو بند ڪريو.
چنگيز خان ڳاڙهو ٿي ويو، هو سهڪي رهيو هو.
چيف غلمان چيو،
ڇو؟ توهان پاڻ ظلم نه ڪيا هئا؟
ڪيا هئا، اسان ظلم ڪيا هئا، پر اهڙا ظلم ڏسي اسان جي به لڱ ڪانڊارجي ويا آهن.
چنگيز خان سهڪندي چيو.
چڱو ماٺ ڪري فلم ڏسو.
چيف غلمان چيو.
فلم هلڻ لڳي، لٽيل ماڻهن جي ڪلهن تي سندس نوجوان ٻچن جا ۽ عزتن جا جنازه آهن، اهي کڻي ڊڪندا ڊڙندا ٿا وتن، ڪنهن پناهه گاهه جي ڳولها ۾ آهن.
پر افسوس هي کليل آسمان هيٺ ائين بيا آهن، هنن جي مٿان ڪا به ڇتي ڪانهي.
اڙي هي ڇا؟ هي منهن ڍڪي هٿيار کنيو اچن پيا. اهي ڪير آهن؟ يقيناِ ڌاڙيل آهن...... هي ته هنن ڏتڙيل ستايلن کي فري ماري رهيا آهن.
۽.... ڌاڙيلن جي وڃڻ کان پوءِ فرياد داخل ڪرڻ تي پوليس لاٺي چارج ڪري گرفتار به انهن ستايل کي پئي ڪري، هي ايڏو انڌير ڇو آهي؟
فلم هلندي رهي، چنگيز، هٽلر، هلاڪو، جنرل ڊائر ۽ ان کان به اڳ جا ظالم سٿ روئي رهيا هئا، مسوليني اوڇگارون ڏئي روئي رهيو هو. هني بال سڏڪندي رڙ ڪئي،
بند ڪريو بند ڪريو، اسان کي نه ڏيکاريو، اسان ايترو ذهني عذاب دوزخ ۾ به نه سٺو، جيڪو اڄ هتي ڀوڳيو آهي.
چنگيز خان ڳوڙها اگهيا ۽ چيو،
هنن مظلوم ماڻهن تي هيڏا ڪلور ٿي ويا، هنن جو ڪو طرف کڻڻ وارو به ڪونهي، ڪو ڏڻي ڪو سائين ڪونهين ڇا؟
اسڪرين تي فلم هلڻ شروع ٿي وئي، چيف غلمان چيو،
ڏسو هنن مظلومن جا وارث ڇا ٿا ڪن.
هنن ڏٺو ته هڪڙي وڏي بلڊنگ هئي، ٻاهران بورڊ لڳل هو، ايم پي اي هاسٽل جنهن ۾ هڪ ڪمري ۾ کوڙ ماڻهو ويٺا هئا، شرابن جون بوتلون ۽ گلاس هٿن ۾ هئا ۽ ڪمري ۾ خوبصورت رقاصائن جو ناچ ڏسڻ ۾ مشغول هئا. مختلف ڪمرن جا ڏيک ڏسڻ ۾ آيا، هر ڪمري ۾ ڪونه ڪو پيٽ ٿلهو، اڌ گنجو، بي ڊولو ڪنهن نه ڪنهن خريد ڪيل جسم تي، پنهنجي حوس جي بک لاهڻ لاءِ تشدد جا نشان هڻي رهيو هو.
هر ڪمري ۾ اها ئي مڪروهه شيطاني راند هلي رهي هئي، جيڪا ڏاڍي ڪرهت ڏئي رهي هئي.
چيف غلمان چيو،
هاڻ هنن جا ڪامورا ۽ چڱا مڙس ۽ ڏاها ڏسو ته ڇا پيا ڪن.
هنن ڏٺو ته ڪامورا ۽ چڱا مڙس هڪ ڪرسيءَ واري اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ گوڏا کوڙيو ويٺا هئا. هنن وڌيڪ ڏٺو ته هڪ هنڌ ڪي چڱا ۽ ڏاها ماڻهو هئا، پر پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪري رهيا هئا. فلم ختم ٿي وئي.
چيف غلمان هنن کي وٺي ٻاهر آيو. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ميڪاولي پڇيو،
هنن مظلوم ماڻهن جي مٿان جنهن ظلم ڪيا، اهي ڪيڏانهن دوزخ ۾ پوندا؟
چيف غلمان چيو،
اهي مها ظالم تمام گهڻن ظلمن سبب توهان واري جاءِ تي دوزخ ۾ پهچي چڪا آهن.
اسٽالن پڇيو،
ڇا اسان اهڙن ظالمن جو حشر ڏسي سگهون ٿا، جن جو ظلم اسان سڀني جي گڏيل سڀني ظلمن کان به گهڻو آهي.
ها، هلو ته توهان کي ڏيکاريان.
چيف غلمان وٺي هنن کي هڪ هنڌ آيو. چيائين،
هاڻي توهان ٿورو هيٺ ڏسو، جتي دوزخ آهي.
هو سڀ هيٺ نهارڻ لڳا، جتي کوڙ ماڻهو، دوزخ جي آخري درجي ۾ اچي چڪا هئا، اهي نوان جهنمي ڏسي هنن همراهن حيرت وچان چيو،
اڙي هي ڇا؟ هي ته سڀ مظلوم ماڻهن جا نمائنده ڪامورا ۽ ڏاها آهن. اصل ظالم ڪٿي آهن، جن ظلم ڪيا هئا؟
چيف غلمان چيو،
واقعي هي مظلوم ماڻهن جا نمائندا، ڪامورا ۽ ڏاها ئي آهن، پر انهن کي ئي ظالم اعظم چئبو آهي، ڇو ته پنهنجي ماڻهن تي ظلم ڏسي چپ رهيا، ڪجهه نه ڪيائون، اصل وڏا ظالم اِهي ئي آهن، ته ظلم ڪرڻ وارن کان ظلم ڏسي خاموش رهڻ وارو وڏو ظالم آهي.

تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
ڪهاڻي
آکيرو
ڪهاڻي
ڀري ٻيڙِي ـ ٻُڏل ٻيڙِي
ڪهاڻي
ڪارڻ
ڪهاڻي
فقير جو پِڙُ