📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو› شاعري› نظم

نظم

✍️ فواد ڪلوڙ ·📅 29 مئي 2026 ·🏷️ شاعري ·⏱️ 3 منٽ ·👁 9
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ
نظم

نظم/ فواد ڪلوڙ
ھِتِ سمورو خير آھي!
تُون ٻڌاءِ؟
ٻار ٻچڙا يارڙا سڀ ٺيڪ ٿئي؟
گھر سڄو ديوار در دريون ٻليون؛
۽ ڪُراڙا جارڙا سڀ ٺيڪ ٿئي؟
جاڳَ جي جرمن جو ڪو احوال ڏي!
ڪافڪا جي ننڊ جو ڪو حال ڏي!
ڏي خبر ناول پڙھين ڪھڙا پيو؟
۽ ڪھاڻيون ڪيتريون کاڌيُون اٿئي؟
ڪر خبر ڪا،،،
شاعريءَ تي طنز ھاڻي پيو ڪرين؟
۽ پکين جي لاءِ ساڳي وقت تي؛
پاٽڙي ۾ ھاڻ پاڻي پيو ڀرين؟
او اڀاڳا!!!
يا اڃان تائين اُنھيءَ تي پيو مرين!
جنھن کي تون ملڪوت ۽ لاھوت پڻ چوندو ھئين!!
ڏي خبر؟
ھن سال ديرو ڪيترو ٿيو؟
قرض کي ڇڏ، ڏس وياجن جيترو ٿيو؟
ڏي خبر ھُن ڪيس مان آزاد ٿين!؟
جج آڏو ماٺ جي فرياد ٿين؟
۽ وڪيلن کي تون پنھنجي يارِڙِين جيئن ياد ٿين؟
ڪيترو آباد ٿين ۽ ڪيترو برباد ٿين؟.
ڪر خبر ڪا؟
ڏس ڀلا؛
ٽي وي تي خبرون پيو ڏسين؟
جنگ جون زيرون ۽ زبرون پيو ڏسين؟
ٻارڙن جون ھاءِ قبرون پيو ڏسين؟
عشق جي ايران سان ڇا پيو ٿئي؟
اک جي اِصفَهان سان ڇا پيو ٿئي؟
وقت جي نقصان سان ڇا پيو ٿئي؟
زندگيءَ جي زيان سان ڇا پيو ٿئي؟
پنھنجي ھن ارمان سان ڇا پيو ٿئي؟
ھُن صحافي خان سان ڇا پيو ٿئي؟
او منھنجي سڏ جا سُٺا سلطان ـ راھي!
سونھن جي سلطان سان ڇا پيو ٿئي؟
ڏي خبر ڪا؟ ڪر خبر ڪا؟ ڏس ڀلا ڪجھ.....؟
خير آ خوشحال ھوندين خير سان؛
مان ته ايندم ياد توکي دير سان!!
روز توسان ھم ڪلامي جو ٿو سوچان؛
پاڻ سان ٿي ٿو وڃان مان ھم ڪلام!
ھاڻ وسري ٿو وڃي پنھنجو ئي نام!
ھيڪلائي جو پيئڻ اوکو آ جام؛
توسان آئون ڪيئن ملان ڪھڙي طرح!
تون ٻُڌاءِ ڇڏ ته ڪيان ڪو انتظام!
اي ھوا منھنجي پرين جي؛
تون اگر سائي مان گذرين؛
مون جيان بڻجان غلام!
ھن کي ڀاڪر ۾ ڀري؛
منھنجا تون چئجان سلام!

تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
📖
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو