لُوور ابو دابي ۾ آدم سان ملو
لُوور ابو دابي ۾ آدم سان ملو ……
(پھرين قسط)
ڀوَن سنڌي
اسين جنھن کي تاريخ ڪوٺيون ٿا اُھو ماضي ۾ جيئرو جاڳندو جھان ھو، جنھن ۾ اسانجا وڏڙا پنھنجي انداز ۽ طور طريقن سان زندگي گذاريندا ھئا. اڄ عجائب گھرن ۾ اُنھن جو ڪچو توڙي پڪو چٺو (ڪارگذاري) موجود آھي، جنھن جو اسين جائزو وٺندي ڇيد ڪريون ٿا. سڀاڻي اسان کي بہ وقت مڻين مٽي ھيٺان دفن ڪري ڇڏيندو، ۽ پوءِ ڪو آئيندي جو مورخ اسانجي اعمالن (ڪارگذارين) جو جائزو وٺندو ۽ ڇيد ڪندو. انھي ڪري اسانکي زندگي ۾ صحيح سوچي ۽ سنڀالي قدم کڻڻ گھرجن، ڇو جو ڪاتب سڀ لکن ويٺا. ھونئن بہ چوندا آھن تہ تاريخ آرسي جيان آھي، جيڪا ڪنھن جو رخ رکاءُ ناھي ڪندي ۽ وقت جي دز لاھي آدم جو اصلي روپ عيان ڪندي آھي. انھي تي اُردو چوڻي، ”حمام میں سبھی ننگے“ خوب ٺھڪي اچي ٿي. انھي ڪري جيون جي ھرپل کي نہ صرف پنھنجي جياپي پر جڳ جي جياپي لاءِ بہ ڪارج ۾ آڻجي، ڇو جو وقت ۽ تاريخ اسانجو ڪچو توڙي پڪو چٺو ٺاھي رھي آھي ۽ اُن جي احتساب ۽ سزا جزا کان ڪو فني خان بہ ھيلتائين بچي ناھي سگھيو، تہ اسين وري ڪھڙي باغ جي موريِ آھيون؟ ھاڻ پاڻ ھلون ٿا ھڪ اھڙي ئي ميوزم ۾ جنھن ۾ اسانجو (انسان) جو ماضي تہ آھي ئي، پر اُن ۾ اسان پنھنجو حال بہ پسي سگھون ٿا. نہ صرف ايترو پر ان ميوزم ۾ اسانجي مستقبل جي سپنن، رنگ برنگي سجاوٽن جي دنيا ۽ آئيندي جي منصوبہ بندين جا اولڙا بہ پسي سگھجن ٿا. سو سائين منھنجا! پاڻ پھچي ويا آھيون ابو دابي جي سادات ٻيٽ واري علائقي ۾ واقع ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي، جتي ھي ميوزم پنھنجي آب و تاب سان جانب جي جلوي جيان جلوا افروز (موجود) آھي ۽ ان عجائب گھر (ميوزيم) جو نالو آھي لُوور ابو دابي (Louvre Abu Dhabi).
لُوور ابو دابي ڪو عام عجائب گھر ناهي، پر اهو ساري جڳ جي انسان ذات جي گڏيل يادگيرين جو خزانو آهي، جتي آدم ذات جي گھاريل جيون کي وقت يعني ماضي، حال ۽ مستقبل جي مناسبت سان ترتيب ڏئي رکيو ويو آهي. هر سيڪشن ۾ هڪ دور ڳالهائي ٿو ۽ هر دور هڪ تهذيب جي ڪھاڻي آهي. لُوور ابو دابي (Louvre Abu Dhabi) ميوزم کي فرانس ۽ يو اي اي جي گڏيل سھڪار (پارٽنرشپ) سان ٺاهيو ويو آهي. ھن ميوزم جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ Jean Nouvel جي ڪيل آھي، جنهن ۾ روايتي عربي ۽ جديد انداز کي پسي سگھجي ٿو. ھن ميوزم جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ ۾ عربستان جي پراڻي تاريخي شھر مديني جي گھٽين ۽ اسلام ۾ نور ۽ ڇپر ڇانوَ جي تصور کي اُڀاريو ويو آھي. ميوزم جون گيلريون ائين محسوس ٿيون ٿين، ڄڻ اُھي پاڻي جي ڪئنالز جي چوڌاري ٺهيل ھجن ۽ سڄو شهر (ميوزم) سمنڊ تي تَرندو هجي. پراڻي تاريخي شھر مديني جيان ڏيکائي ڏيندڙ ھن ميوزم ۾ 55 الڳ قسم جون عمارتون آهن، جن مان 23 گيلريون آهن. ھن ميوزم جي مکيه خصوصيت هڪ وڏو گنبذ آھي جنهن ۾ 7,850 ستارا آهن ۽ جڏھن سج جا ڪرڻا اُنھن تي پون ٿا ته ميوزم اندر ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ روشني جو مينهن (rain of light) وسي رھيو ھجي. ميوزم جي گنبذ جو وزن تقريبن 7,500 ٽن آهي، جيڪو فرانس جي ايفل ٽاور جي برابر آھي. ميوزم ۾ لڳ ڀڳ 600 کان وڌيڪ مستقل آرٽ ورڪ آهن ۽ مختلف ثقافتن ۽ دورن جا تقريبن 100 اهڙا ناياب نواردات/ اسم آھن جيڪي Louvre Paris عجائب گھر کان حاصل ڪيا ويا آهن. ھن ميوزم ۾ پاڻي جو چينل سسٽم قديم عربي زراعتي نظام “falaj” انجينيئرنگ سسٽم کان متاثر ٿي ترتيب ڏنو ويو آهي. ميوزم جي عمارت ماحولياتي آلودگي جي اثرن کان بچاءُ جي لحاظ کان بھتر انداز ۾ ڊزائن ڪيل آهي، جنھن ۾ passive cooling ۽ توانائي جي بچت واريون ٽيڪنڪس استعمال ڪيون ويون آهن. ھن ميوزم تي لڳ ڀڳ 1.0 کان 1.2 بلين آمريڪن ڊالر خرچ آيو آهي جيڪو پاڪستاني رپين ۾ تقريبن 33 ارب رپين جي برابر ٿئي ٿو. ھي رقم پنھنجي ملڪ جي ثقافت، ٽوئرزم ۽ آرڪيالاجي کاتن جي سالياني بجيٽ کان بہ گھڻي آھي. ظاھر آھي جيڪو ملڪ تاريخي، تھذيبي، ثقافتي ورثن ۽ تفريحي ماڳن تي ايڏو خرچ ڪري ٿو تہ اُتي ٽوئرزم ڇو نہ وڌندي؟ اسان وٽ دنيا جي چند وڏن ماڳن مان ھڪ موھن جي دڙي تي وڃو تہ اُتي ڪڪڙوڪو لڳي پئي آھي ۽ سياح ڳوليو بہ نہ لڀندو؟ جتي سياحن لاءِ نہ سھوليتون ميسر ھجن ۽ نہ ئي وري سيڪيورٽي ۽ صاف سٿرو ماحول ھجي، تہ اُتي سياح ڀلا ڇو تہ گھمڻ ايندا!؟ ھن وقت متحدہ عرب امارات ٽوئرزم جو عالمي حب بنيل آھي ۽ ٽوئرزم اُن جي آمدني جو مکيہ ۽ وڏو ذريعو آھي. متحدہ عرب امارات جتي زيادہ تر آرٽيفيشل تفريحي اسپاٽ ٺاھيل آھن، رياستي انتظامن ۽ سھوليتن جي ڪري سياحن جي توجہ جو مرڪز بنيل آھن. اسان وٽ جڏھن تہ تاريخي ۽ قدرتي منظرن سان سجيل خوب صورت ماڳ بہ موجود آھن، تہ پوءِ ڀلا اُنھن ماڳن کي سنواري سينگاري، بھتر سياحتي سھوليتون ۽ سيڪيورٽي ميسر ڪري ملڪي آمدني ڇو نٿي وڌائي سگھجي؟ جيڪڏھن ڪرپشن کان پاڪ سسٽم رائج ٿئي تہ سڀ ڪجھ ممڪن ٿي سگھي ٿو، پر شينھن جي ڳچي ۾ گھنڊڻي آخر ٻَڌي تہ ٻَڌي ڪير؟ 2017 کان عام عوام لاءِ کليل، ابو دابي جي سادات ٻيٽ جي ڪلچرل زون جي حدن ۾ واقع سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل شاندار عمارت تي مشتمل، ھن لُوور ابو دابي ميوزم جي ڪل ايراضي 24 ھزار چورس ميٽر آھي ۽ ان مان لڳ ڀڳ 8000 چورس ميٽر گيلري جي ايراضي آھي. ھنجي اسٽيل ۽ ايلومينيم ڌاتو جي جڙاءُ سان ٺھيل خوبصورت گنبذ (dome) جو قطر تقريبن 180 ميٽر آھي. لُوور برانڊ جي نالي سان ٻہ ميوزم فرانس جي شھرن پيرس ۽ لينس ۾ واقع آھن، جڏھن تہ ابو دابي ۾ ساڳئي نالي سان قائم ڪيل ھي ٽيون ميوزم نہ صرف متحدہ عرب امارات پر مشرق وسطہ جو پهريون “يونيورسل ميوزم” آهي، جيڪو دنيا جي مختلف تهذيبن، عقيدن، فڪرن، ثقافتن ۽ آرٽ کي ھڪ ھنڌ تي گڏي متعارف ڪرائي ٿو ۽ ساري جڳ لاءِ رواداري ۽ ھم آھنگي جو اعلىٰ مثال بنيل آھي. لُوور ابودابي عجائب گھر جو ٽڪيٽ 18 سالن کان مٿي جي عمر وارن ماڻھن لاءِ 70 درھم (تقريبن 6000 رپيا) آھي، جڏھن تہ 18 سالن کان گھٽ عمر وارن ۽ سينيئر سٽيزنس لاءِ داخلا بلڪل مفت آھي. ھاڻي ھلو تہ لُوور ابو دابي ميوزم جي اندر ھلون ۽ پنھنجي (انسان) ماضي جي تھذيب و تمدن، حال جي ڪارگذارين ۽ مستقبل جي منصوبہ بندين سان مکان ميلو ڪريون ۽ ان ۾ پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون.
لُوور ابو دابي (Louvre Abu Dhabi) ۾ مختلف وِنگس (wings) ترتيب ڏنيون ويون آهن، جيڪي مختلف تھذيبن ۽ تاريخي دورن جي مطابق ورهايل آهن جن جو تفصيل ڪجھ ھِن ريت آھي.
وِنگ 1: ھِن وِنگ ۾ قديم زماني جا اوائلي ڳوٺ، پراڻين آبادين جا آثار ۽ قديم برادرين جي ڄاڻ ۽ اُن متعلق شيون موجود آھن. ھِن وِنگ ۾ قديم ۽ عظيم تھذيبن/ سلطنتن جهڙوڪ ميسوپوٽيميا، نيل ۽ انڊس وادي وغيره جي آثارن جي ڄاڻ دستياب آھي. ھِن وِنگ ۾ مصر، چين، يونان وغيرہ جي سلطنتن جا آرڪيٽيڪٽ ۽ تاريخي نمونا (ماڊلس) وغيرہ پڻ موجود آھن. وِنگ 2: ھِن وِنگ ۾ بين الاقوامي مذھبن جي موضوعن، قديم نسخن، آثارن، تصويرن، مجسمن کان علاو ايشيا، مشرق وسطىٰ، چائنا وغيرہ جي واپاري رستن جھڙوڪ سلڪ روڊ (Silk Road) ميڊيٽيرينئن سمنڊ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ رستي ٿيندڙ وڻج واپار جي ڄاڻ دستياب آھي. وِنگ 3: ھِن وِنگ ۾ ڪائنات بابت نقشا، قديم دنيا جي نقش نگاري، آرٽ، سائنس، سماج، رياست ۽ حڪومتن بابت مفڪرن جا تصور ۽ قديم زماني ۾ سماجي، تھذيبي، تجارتي ۽ ثقافتي رابطن/ خيالن جي مٽا سٽا (first globalization) کانسواءِ روزمره جي زندگيءَ جا نمونا، قديم کان جديد سماج تائين جي طرز زندگي ۽ انٽيريئر آرٽ وغيره جا ماڊلس، مجسما، ۽ ٻيا نوادرات موجود آھن. وِنگ 4: ھِن وِنگ ۾ جديد دور جي شروعات، انڊسٽريل دور، جديد فن ۽ سوشل تبديلين تي مشتمل مواد ۽ شيون موجود آھن. اُن کان علاوہ جديديت کي چيلينج ڪرڻ وارا خيال (جديديت پڄاڻان) نئون آرٽ ۽ جديد فلسفي جا رنگ بہ ھِن وِنگ جي زينت بنيل آھن.
اڃا ڪو تاثر ناهي.