📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو› شاعري› غزل

غزل

✍️ سيف نياز ·📅 29 مئي 2026 ·🏷️ شاعري ·⏱️ 2 منٽ ·👁 11
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ
غزل

غزل
سيف نياز
ڳولي ڳوليون ڪاٿي ھاڻي، ماڻھو پيارا ڪک پن ٿي ويا.
وقت جڏھن پاسو بدلايو، ساٿي سارا ڪک پن ٿي ويا.
ھر پاسي ڄڻ ديو لٿو آ، ھر پاسي سڃ جو واسو آ،
تنظيمون ۽ تحريڪون ، جاڳرتا نعرا ڪک پن ٿي ويا.
نفرت ئي نفرت چوڌاري ، ماڻھو ماڻھو کان بدظن آ،
ھر محفل آ اجڙي ويئي، نيھن نظارا ڪک پن ٿي ويا.
ماڪ ڦُڙا اڪ تي رات پيا، سورج نڪتو سي تہ اڏاميا،
رشتا ۽ ناتا بہ ائين ئي ، ھڙ ويچارا ڪک پن ٿي ويا.
سيف ڪٿي آن؟ يار ڪٿي آن؟ اچ ڪڏھن تون قرب ڪري،
ڏک سور سليون گڏجي ويھي، ڪيئن دل وارا ڪک پن ٿي ويا.

تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
📖
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو