غزل/دادن ثقلين لاشاري
لڙهن ٿا گھر سڀئي ڪچا،ڏمر ۾ آبشار هن.
هي مينھن پٿرن جو آ، غريب سنگسار هن.
خدا ملي تہ هي پڇان، نہ جن کي هٿ ٿي ڏنا،
اُگهن هو لڙڪ پنهنجا ڪيئن، ٿيا جي اشڪبار هن.
انا اڃان وڌي وئي، فنا جئن ئي آ پڳي،
رهيو نہ آهي خوف ڪو، هي موت جا خمار هن.
ڏئي ٿو باھ شهر کي اگر نہ تخت ٿو مليس،
چوي ٿو "مون بنا سڀئي تہ ديس جا غدار هن".
هنن جا ڍور خوش ٿين، ڀلي تہ قحط پيو اچي،
ٿا ڀيل کيت ڪن سڄا، جي ديس جا ڌنار هن!
مِلن ۾ رتُ ٿا ڏين هي ٻارَڙا وڏن جيان،
اڀاڳي منهنجي ديس ۾ رهيا نہ ٻار ٻار هن.
هو عشق هو، جنون هو، اُھو نہ هاڻ آ بچيو،
نہ آڳ آ، الاءُ ڪو، ۽ خاڪ ٿيا شرار هن.
عجيب خوف آ چڙهيل، ڪُڇي نٿو ڪوئي بہ شخص،
دٻيل دٻيل آ دانهن هر، هٻڪ هٻڪ اچار هن.
تاثرات (0)
اڃا ڪو تاثر ناهي.
لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو