جدائيءَ جو آخري نظم
✍️ رياضت ٻرڙو
·📅 29 مئي 2026
·🏷️ شاعري
·⏱️ 2 منٽ
·👁 10
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ رياضت ٻرڙو
تنھنجي باري ۾
يا تو لاءِ لکيل
سڀئي نظم
مون ڪڏهن بہ ڇپرايا نہ آھن،
ڇاڪاڻ تہ
انهن کي پڙھڻ جو حق
صرف تو کي ئي آھي.
خبر ناهي
تہ تون ڪٿي آهين،
ڪڏهن ملندينءَ،
يا ملي بہ نہ سگهندينءَ،
۽ تو سان ملڻ کان
يا تو کي نظم ٻڌائڻ کان
اڳ ئي
آئون مري ويندس.
مون کي خبر ناهي
تہ منھنجي مرڻ پڄاڻان
انهن نظمن جو ڇا ٿيندو،
ڇاڪاڻ تہ آئون،
جڏهن کان تون وئي آهين،
اڪيلي زندگي گذاري رهيو آهيان.
آئون مري وڃان ھا،
پر تنھنجي باري ۾
۽ تو لاءِ نظم لکندٖي ئي
زنده رھي سگهيو آهيان.
تاثرات (0)
اڃا ڪو تاثر ناهي.
لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
شاعري
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو