دعا مان ڪريل لفظ
ڪي رواني، رنگيني ۽ تغزل وارو لهجو وڃائجي ويو آهي. اهڙي نموني ادب جي ميدان ۾ جديد صنفن ۾ شاعراڻي نثر به ڀرپور جاءِ والاري آهي. هيءَ صنف ٻوليءَ، استعارن،تمثيلن، تشبيهن، حسن و نکار، انداز بياني، ۽ فلسفي جي وڻندڙ عڪسن مان ڄڻ ته نظم جو اڌ وجود ٿي ڀاسجي. پر فني لوازمات، بحر وزن، رديف قافين جي نه هجڻ ڪري نثر واري زمري ۾ اچي ٿي وڃي. شاعراڻو نثر، ڪنهن پرڏيهي ادب جي پيداوار ناهي جو ان جي جنم ڀومي ۽ پيدائش تي ڳالهائجي! منهنجي سوچ مطابق سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان پوءِ هن وقت تائين ڪو به ڏاتيار نثر نويس پيدا ڪو نه ٿيو آهي، جيڪو نثر ۽ نظم ۾ لفظن جي شاهه ڪاريگري ڪري، اياز جهڙو معتبر مصور ثابت ٿيو هجي.پر وري به اياز جي پيرن تي هٿ رکي، نثر ۽ نظم سرجيندڙن جو انگ به آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. شاعراڻي نثر کي لکندڙ به پهريون سنڌي ليکڪ به اياز ئي هيو. ان صنف کي آغا سليم، اڪبر سومرو، ايوب کوسو، صنوبر سيد، نسرين سيد، ۽ ٻيا به ڪيترائي گمنام ليکڪ ۽ ليکڪائون لکي رهيون هن. اُتي مان ميڙي پنهنجي ڳڀرو شاعر ۽ نثر نويس سعيد سومرو کي به ضرور ياد ڪندس.
دعا مان ڪريل لفظ شاعراڻي نثر جو مجموعو آهي، ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران هي ڪتاب آگسٽ 2006ع جي ٻي ڏهاڪي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب سعيد سومري جي تخليقي پورهيي جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ جي شاهه ڪاريگري کان ويندي، پيشڪش جي جدت تائين، فڪري اُڻت کان وٺي، خيالن جي چانڊاڻ تائين، تمثيلن، تشبيهن جي غوناغونيت کان وٺي لفظن جي اڻ جهل گهرائيءَ تائين ڪنهن به طرح وسارڻ جهڙو ناهي.
سعيد سومري جي هن ڪتاب ۾ لفظن جا رنگارنگي تاج محل جوڙيل آهن، پوپٽن جي رنگن جهڙي نواڻ پويل آهي. بارشن ۾ وهنتل رابيلن جي سڳنڌ جو ساءُ سمويل آهي. سرءُ ۾ ڇڻندڙ پتن جي وارتا به بيان ٿيل آهي ته بهارن ۾ بي حجاب هوائن جي سرگوشي به آهي. درد جي سوداگر اڌ اگهاڙي سرمد جون اڌ پسيل اکيون به نرواڻ آهن ته نينهن جي مينهن ۾ ڀڳل اڀيچند جي يڪتاري جي رون رون جون لهرون به روان دوان آهن.
خدا ۽ آدمي جي وچ ۾ ڪائي ديوار ناهي
جي واويلا به آهي ته
فنا ۾ ئي بقا
جي پرچار به آهي. سونهن جي جام و مينا ۾ ڌُت عشق جي رولاڪن جي جهيڻي جهيڻي صدا به آهي ته ديس ڌڻين جي لاغرض حڪمرانيءَ جو افسوس به آهي. مائرن جي شهيد پُٽن ڪاڻ ماتم به آهي ته اڃارين اکين ۾ حُسن سان ٿورڙي چپ چپاتي ميار به آهي. ڪئين به چئجي هي ڪتاب هر اندر ۾ جهاتي پائيندڙ نظرن جو عڪس آهي.
فلسفو هونءَ ته ڪجهه مبهم هجي ٿو پر سعيد ان کي عام رواجي لهجي کان ٻاهر ڪڍي ان کي شاعراڻيءَ ٻوليءَ ۾ پوئي ڄڻ نڪور خيالن جو اُڀ ڇُهي ورتو آهي. شاعراڻو نثر، هونءَ ته مختصر آهي ليڪن سعيد ان کي پنهنجي شاعراڻي مزاج ۾ مومل جي محلات جهڙا رنگ ڏنا آهن ۽ اهڙي لفظن جي شاهه ڪاريگري ڄڻ ته هن يارڙي کي هڪ خوبصورت نثر نويس بڻائي اسان توهان سامهون کڙو ڪيو آهي. شاعراڻي نثر جي هر هڪ سٽ پنهنجي خمير ۾ تازي تواني احساس جو جڙاءُ آهي، جنهن جو باهمي ربط ايترو ئي وڻندڙ ۽ سگهارو آهي، جئين مُهري اُٺ جي ٽور ٽلڻ .... جئين کوهه تان پاڻي ڀري ويندڙ ڏهاڪو کن سکين جو هڪ ٻئي پويان وک وک کڻي هلڻ ...... جئين خوبصورت ۽ پابند نظم جو دلڪش تسلسل .... اهڙي نموني سعيد پنهنجي پيشڪش ۾ نهايت ڪامياب ويو آهي.
شاعراڻي نثر ۾ تخليقار ڪنهن به قسم جي پابندي نه هئڻ ڪري ڄڻ سموري آشا/نراشا/ عشق کان عقباکان، ذات کان ڏات کان، هُو هُو کان تون تون کان واقف ڪرائيندو ويو آهي. تاريخ جي صفحن تي چٽيل اڌ اگهاڙي سرمد کان وٺي منصور الحلاج تائين ... دارا شڪوه کان وٺي ڪربلا جي ڪرپا تائين ... عزيز مصر کان وٺي زليخا جي حُسن جا چتر ڪار ڏيکاريندي، سنڌ جي ڀينگيي ڀاڳن کان وٺي جيجل جي زبان تان ٻُرندڙ امن جي لوليءَ تائين ... سعيد جهٽ پل ۾ هڪ وشال اندر رکندڙ ليکاري محسوس ٿيو آهي. هو ڪنهن به وقت ڪن ڍير وارتائن کي ڪنهن هڪ سٽ ۾ بيان ڪرڻ وارن فن ڪارن مان آهي. سعيد وٽ ٻُولي ۽ ان جو استعمال، تشبيهن تمثيلن، استعارن، ڪناين محاورن کي سٽاءَ ۾ سموئڻ جو اعليٰ ۽ عمدو فن هنر آهي.
نثر ۾ هونءَ ته ٻوليءَ جي خوبصورتي ته هجي ٿي پر ان ۾ ربط، چڪَ، لفظ لفظ ۾ نظماڻو روح، سٽ سٽ ۾ سرمست سرور صرف سعيد جي شاهڪاريگريءَ جو ڪمال آهي الئه ڇو ائين محسوس ڪيو آهي ته سعيد جن شاهڪار سٽن/ تصورن/جذبن کي شعر جي پابند رمز سان نه جوڙي سگهيو آهي، اُتي هو انهن سٽن/ خوبصورت جملن کي رائگان ڪرڻ بدران شاعراڻو نثر ڪري لکي ويو آهي. سچ ته انهن سٽن ۾ تصورن ۾ لفظ لفظ جو ميلاپ، معنيٰ مقصد/وڻندڙ ڀاشا/ ڳالهه وهنوار ايترو ته وڻندڙ ۽ منفرد آهن، ڄڻ اُهي سعيد جي اڌورن غزلن جا شاهه بند هجن.
ٽڪرا ٽڪرا ڪري وري ميڙڻ ٿي چاهين، توکي ٻي ڪا راند کيڏڻ نه ٿي اچي!
ننڊ به ناٽڪي وينگس جو موڊ آهي.
مون مرڪڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٽهڪ وسري ويا آهن، پراڻن وڳن ۾ ٿي رهان. تون به ته مون کان دل کڻي ويو آهين نه ....!
تون مون لاءِ شام جي ان پهرين ستاري وانگر ته نه ٿي وئي آهين ... ڏسڻ ۾ انيڪ ويجهڙي ڇُهان ته ڪروڙ ميل پري ....
ٽٽل آرسيءَ جا ٽڪرا ميڙي، تون ڪنهن جو چهرو ڏسندينءَ؟ پنهنجو يا اُن جو جنهن آئينو ڀڳو!
منهنجي روح جو اڃا ڪهڙو رقص رهيل آهي ... جنهن کي ڏسڻ لاءِ تنهنجون اکيون اڃا جاڳيل آهن!
مون کي ميرو ڏسي ڀلي ڌڪار، پر منهنجي اُجرن خوابن کي ڪروڌ سان نه ڏس.
تنهنجون اڌ پُسيل اکيون آهن يا وڏڦڙي جي شام جو ڊگهي رڻ ۾ ڪنهن اوٽ لئه ڀٽڪندڙ ٻه هرڻيون ....!؟
ريشمي وارن جي لڙَ اشهد آڱر ۾ وچڙائيندي چيائين: وس نه ٿو هلي، نه ته توکي به ائين الجهائي ڇڏيان.!
ريلوي جا ٻه بند آهن يا ساره شگفته جون ٻانهون ...؟
تون وئي آهين ته دل چوي ٿي مقدر جو نالو بدلائي محرومي رکان.
پرديس ۾ انهن ڏيئن جي يادگيري به رنجائي پئي، جيڪي تنهنجي چائنٺ تي ٻاري هلي آئي آهيان، اُهي هيلوڪي طوفان ۾ به ٻرندا هجن ته کين چئجان ته توهان کي جلائيندڙ به جلي رهي آهي!
خاموشي خدا جي شاعريءَ جو ڪائون نمبر بيت آهي!؟
سجدي ۾ به تنهنجو خيال .... اف! مان قيامت ڏينهن خدا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس؟
پرين! ڪڪرته سدائين تو وٽ مڙن ٿا، پر مينهن ته مون وٽ ئي وسندو آهي.
ڪافرن جي شهر ۾ تنهنجي حُسن تي ايمان آڻي، اسان پاڻ تي ستم ڪيو آهي، تون ڇالئه ملول آهين!؟
تون ڇو نٿي سوچين ته تنهنجو ڳوڙهن سان ڀرجي آيل مُنهن منهنجي پنڌ ۾ ڏاوڻ ئي ڏاوڻ وجهندو!
جنم جنم جي چوراسي لک ڦيرن ۾ ڦري ڦري مان ٿڪجي ٽٽي پئي آهيان، تون اڃا ڪهڙي لمحي لڀيندين؟
فون نمبر ئي وسري ويو هيئه يا مان به ياد ڪو نه هيو مانءِ!؟
رومانس جي ساغر ۾ ڇلڪندڙ اهڙا عمده ۽ خوبصورت خيال جيڪي محبوبا جي چپن جي ٿڌاڻ جهڙا آهن سچ ته اهي سمورا سڏ/ واويلا/اوسيئڙن جا اولڙا ... پريتم کي پڪارون ... ڪجهه عورتاڻا احساس ... سعيد جي روح جي زباني آهن. جنهن ۾ پل پل جو پيڙاءُ، ورهن جو سوڳ، سرڳ کان نرڳ تائين جي تات ...لمحي لمحي جي بيچيني، وک وک جي نراسائي، پنهنجي منهن ميارن جي جهونگار ٿا ڀاسن. جيڪي سعيد شعرن ۾ سموهڻ، ڳائڻ / دهرائڻ بنا .... انهن کي نثري شڪل ڏئي اندر جي اکٽ اداسين جو اوٻر هاريو آهي.
اڄوڪي دور ۾ زنده رهڻ چرچو هجي ها ته بهتر هو.
منهنجي زبان تان زنجير لاهيو مان وري اگهاڙو سچ نه چوندس.
اي منهنجي غمگين سنڌڙي! مان ڪڏهن توکان خدا جيان بي فڪرو ٿيندس؟
ڀڳت سنگهه کي ڦاسي .... ڇا رڳو اسٽيج ناٽڪ ئي هو!؟
ڪربلا جا خيما خالي ٿي ويا آهن يا آهي ڪو جيڪو يزيد کي للڪاري!؟
جيجان! تنهنجي مٿي تي ميرو ڦاٽل رئو ڏسي مان ڪنڌ کڻڻ جهڙو ناهيان.
انقلاب جي نالي تي سنڌ جا انڌا راڄوَتا، اسان جو رتُ پيئڻ ڪڏهن ڇڏيندا!؟
يار! گُرڻ ته ڪُتن جو پيشو آهي تو اهو ڪيئن اپنايو؟
ياخدا! هن جنگاهه ۾ منهنجو لاش سڃاڻڻ وارو ته ڪوئي بچائجانءِ.
اي فرشتا! چنڊ پيلو ۽ اداس ڇو آهي؟ سنڌ نگر جي سفر تان وريو آهي!
هي بم مان ڪنهنجي گهر مٿان اڇلايان؟ سارو عالم منهنجو ئي گهر ته آهي.
هُو پٿر مان ديوتا ٺاهيندڙ شخص، ماني حويليءَ تان وٺڻ ويندو آهي!
اهي سمورا ۽ اهڙا کوڙ احساس، تصور، جملا، هڪ ئي وقت خوبصورت رچنائن سان گڏ گڏ، ڪرڀ ناڪ ڪيفيتن، ڪروڌي جذبن، ۽ اندر جي لوڙ ولوڙ جو اهڃاڻ آهن. جيڪي هڪ ئي وقت تاريخ، جبر، واڳ ڌڻين ۽ مفلسيءَ جي منهن تي ڪارنهن دار چُـٽن جيان ڀاسن ٿا. جن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪيفيتن جون وارتائون آهن، جيڪي اسان جي آسپساس ۾، اسان جي ذات کان ويندي حيات تائين اسان سان واڳيل ۽ لاڳاپيل رهن ٿيون. جن تي نقطه نظر سان اک ٽيٽ ڪري لکڻ، سوچڻ/سمجهڻ/ ڳالهائڻ لاءِ سعيد جهڙو سرفروش ٿيڻو پوندو. هُو هڪ ئي وقت بقا جو به قائل آهي، مون ۾ آهين تون، دل ۾ ديرو دوست جو، محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا! واري روايتن جو هامي ڀريندڙ سعيد ايندڙ صدي ۾ نثر جو شاهه پارو ليکاري آهي.
هاڻي سعيد جي انهن شعرن تي ڳالهائجي جيڪي شعوري يا لاشعوري طور تي هڪ ته ورجاءُ ڪيا ويا آهن يا اُنهن ۾ روايتي رنگن جا نقش نروار آهن.
ٺٽي ۾ هاڻ ڪنهن وٽ مهمان ٿجي؟ سرمد ته ڪڏوڪ شهر ڇڏي ويو آهي!
جام بنا جهان کي ڪا معنيٰ ئي ڪا نه هئي ته اسان وڌيڪ ترسي ڇا ڪريون ها؟
توکان سواءِ ڪنهن کي خبر ناهي ته مان ڪٿي آهيان؟ زماني کان لاپتا آهيان تڏهن ته تو وٽ آهيان.
پنهنجون چاڪليٽي مرڪون لڪائي رکجانءِ، منهنجي من جو ڪروڌي ٻار جاڳيو ته انهن سان ضرور وندرجي ويندو.
تون، اُها ناهين جنهن ۾ مان پاڻ کي فنا ڪرڻ چاهيو هو!
ياخدا! تون جڏهن مون ۾ آهين ته مان ڪٿي آهيان؟
جيڪڏهن مان اُهو ناهيان ته توکي ئي خبر هوندي ته مان ڇاهيان!
منهنجي خواهشن جي ٻارن کي پنهنجي پيار جا رانديڪڙا ڪو نه ڏنئه ته هُو ناراض ٿي هي ڪائناتي ڳوٺ ڇڏي ويندءِ!
صنم ڪدي جي نگاهن کي سنديس ڏيو ته اسان جو هاڻ انتظار ڇڏي ڏين، اسان پنهنجا پير ڪپي ڇڏيا آهن!
چري ڇوڪري! لائبريريءَ جي ڪتابن ۾ جنهن نظم کي ڳولين ٿي، اُهو فقط هُن جي ڊائريءَ ۾ ئي لکيل هيو!
تولئه سوچيندي هاڻ اکيون آليون نه ٿينديون آهن.
صحرا جي ننڊ ۾ به رڳو واري ئي واري آهي.
آڱريون، مون وٽ باقي آڱريون آهن ڪٿي جو تنهنجو اڌ اگهاڙو چهرو مڪمل کولي سگهن!
انهيءَ تي بحث ناهي ته تون مان ڪير آهيون؟ پر بحث انهيءَ تي آهي ته اسين ڇو آهيون!
اهي سمورا تصور جيڪي وقفي وقفي ڄڻ ته سعيد پنهنجي ئي خيالن جو ورجاءُ ڪيا آهن، يا جيڪي روايتي اسلوب ۾ پويل سمويل آهن. سرمد، اڀيچند، تون مان، ڇو، ڪير، آڱريون، راهبا، انهن سڀني موضوعن کي سعيد ورجاءَ ۽ روايتي تاڃي پيٽي ۾ رنگي شاعراڻي نثر جي شفق نما باک تي ڪوهيڙي جهڙي ڌنڌلاڻ ويڙهي ڇڏي آهي. مٿيان سمورا تصور ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا. جيڪي هن ڪتاب جي سمورين حسناڪين جي باوجود ڄڻ ته شاعراڻي نثر لاءِ ڪو خاص پيام نٿا رکن.
هاڻ ڪجهه اهڙن تصورن تي ڳالهائجي/لکجي جيڪي تنقيد جا گهرجائو آهن يا جيڪي مشاهدي جي متضاد روين سبب، اُهي مبهم خيالي ۽ اصلوڪي مقصد/مفهوم کان پرڀرو بيٺل آهن.
صبح جو منهنجي پاسي ۾ تون هجين ها ته راتوڪي ڊيڄوڙي خواب جو يادگيرو منهنجو هانءُ ڪچو نه ڪري ها!
هاڻ ڏسجي ته خواب .... ڇرڪائي سگهي ٿو، روئاري سگهي ٿو، گم سم موڳو ڪري سگهي ٿو ليڪن هانءُ ڪچو نه ٿو ڪري سگهي. هانءُ تڏهن ڪچو ٿيندو آهي جڏهن اسان غليظ شين سان هٿ چراند ڪنداسين. مثلن، گند ڪچرو، رَتُ پونءِ، وغيره يا اسان اڻ مهلي/ اڻ مندائتي چيز/وکر کائينداسين تڏهن ان جي REACTION سبب اسان جو هانءُ ڪچو ٿي سگهي ٿو ۽ ماڻهو الٽي وغيره به ڪري سگهي ٿو. بهرحال خواب جو يادگيرو هانءُ ڪچو نه ٿو ڪري سگهي!
جڏهن منهنجي من جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ سياري جي چاندنيءَ سان ٻهڪندڙ زيتونن جو باغ آهي ته ديدن اڳيان هاڙهه جي ٻيپهري ۾ ڏامر جي روڊ تي ڪنهن ٻار جي پير سڙڻ جهڙو درد ڇو آهي؟
هتي هڪ ئي وقت ٻن ڪيفيتن کي اظهاريو ويو آهي. منُ ... اکيون ... هڪ ئي وجود جو حصو آهن. اکيون خوبصورت منظر ڏسنديون ته ضرور من جي ڦُلواڙي ۾ ڦل مهڪي پوندا. نرم نرم احساسن جا ..... جيڪڏهن اکيون عزادارن جو ماتم ڏسنديون ته ضرور من انهيءَ دردناڪ لمحن ۾ موڳو ٿي وسامجي سگهي ٿو. پر هتي هاڙهه جي ٻيپهريءَ ۾ ڏامر جي روڊ تي ٻار جي پيرن سڙڻ جو درد الڳ واقعي/منظرنگاري/ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ من ۾ سياري جي چاندنيءَ ۾ ٻهڪندڙ زيتونن جو باغ الڳ الڳ ڪيفيت ۽ واقعي/لقاءَ کي طاهر ڪري ٿو. ڄڻ ته من ۽ اکيون ڌار ڌار وجود جو حصو آهن!
صدمي جو سبب نه پڇو، ڪو ڪو صدمو بغير سبب به هوندو آهي!
سبب ـــ ڪارڻ ... هونءَ ته هر هڪ عمل پويان ڪو نه ڪو سبب هوندو آهي. مان لکان ٿو. سبب؟ مان نقاد آهيان. مان گوريون کاوان ٿو، سبب؟ صحت ٺيڪ ڪو نه اٿم. مان روئان ٿو .... سبب؟ دوست گذاري ويو آهي. يعنيٰ هر ڪم پويان ڪو نه ڪو ڪارڻ/سبب ضرور هجي ٿو. ائين ئي هر Negative positive شين پويان/اڳيان ڪو نه ڪو ڪارڻ لازمي آهي. مٿين تصور/شعر ۾ سعيد ڄڻ لاشعوري صرف لفظ پوئي ويو آهي.
مان معنيٰ ڀريو زنده رهڻ ٿو گهران، دوستن هٿان هر هر ٺڳجڻ نه .....
هتي لفظ مان مراد آهي، فنا ٿيڻ يا بي معنيٰ ٿيڻ. پر ائين ناهي. ٺڳجڻ معنيٰ ڦرجي وڃڻ /لُٽجي وڃڻ/کسجي وڃڻ. هاڻ کسجي/ لٽجي يا ڦرجي وڃڻ سان ماڻهو بي معنيٰ ته نٿو ٿي سگهي. خبر ناهي هن تصور ۾ ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي؟
هاڻ توکان پوءِ ڪنهنجو روح هوندو جيڪو هيءَ بي وفائيءَ جي ڪٿا ٻُڌي ڪُنبي اٿندو!؟
سڀ ڪجهه ته هڪ جهڙو نه هوندو آهي ماڻهو. ماڻهن جا رويا .... ڪيفيتون ....فطرتون ..... چهرا .... احساس .... اسرار ڌار ڌار هجن ٿا. ڪنهن لئه لازم ملزم ناهي ته جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن غمزده قصي/واقعي تي نير ڇلڪائي روئي ٿو تيئن ٻيو ماڻهو به ان جيان /ان جهڙو عمل دهرائي. مان سمجهان ٿو ته هر ماڻهو مختلف آهي. ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان حساس پرست به ناهي پر ڪنهن کي اظهار جي خُول ۾ مخصوص/پابند بڻائڻ اڻ بهتري آهي.
واريءَ جي جانور کي ئي خبر هوندي ته واريءَ تي وڄُ ڇو ٿي ڪري؟
وڄُ .... باهه جو اولانبو/تجلو، جيڪو تمام تيز ۽ شمعدار آهي. آنءُ ڪاڇي جو ماڻهو آهيان، جيتري قدر مشاهدو اٿم ته وڄُ بارش دوران ڪنهن ڪاري رنگ واري شيءِ تي ڪرندي آهي. مثلن رات جي تاريڪيءَ ۾ دور کان وڻن جا گهاٽا جهڳٽا ڪاراڻ جي شڪل ۾ نظر ايندا آهن يا واهڙ ۽ واهين جا چُرَ زمين جي مٿاهين سطح کان ڪاراڻ نموني نظر ٿيندا آهن، تقريبن وڄُ انهن شين تي ڪرندي آهي. يا بارش دوران ماڻهو ٻاهر ڪارو ڪپڙو اوڍي ڪو نه نڪرندا آهن ۽ ڪاري رنگ وارن پالتو جانورن کي مخصوص منهيءَ ۾ ٻَڌي ڇڏيندا آهن، جئين اُهي وڄ کان محفوظ رهن. تقريبن وِڄُ ڪاراڻ وارين شين/هنڌن تي ڪرندي آهي، مگر واريءَ تي هرگز ڪو نه ٿي ڪِري سگهي. ڇو ته واريءَ جي سنهين سنهين ذرڙن ۾ هڪ روشن ۽ سفيد چمڪ هوندي آهي، جيڪا پري کان ماڻهوءَ کي اولڙن جيان محسوس ٿيندي آهي. ان ڪري واريءَ تي وڄُ جو ڪرڻ ناممڪن آهي. پر جي مٿين دل سان مڃي به وٺجي ته واريءَ تي وڄُ ڪري ٿي ته واريءَ جي جانور جو زنده هجڻ هڪڙو گمان آهي ۽ ان جانور کان ڪئين/ڇو پڇجي ته واريءَ تي وڄ ڇو ٿي ڪري؟!
مان جڏهن تنهنجي ارپيل انڌيرن ۾ اڌورو جيئڻ تي هري ويو آهيان ته چار ستارا موڪلي مون تي ڪرم جهڙو ستم نه ڪر ...!
ڪرم جهڙو ستم استعارو خبر ناهي سعيد ڪيئن استعمال ڪيو آهي، جيڪو اظهار جو اڻ وڻندڙ/ اڻ ٺهڪندڙ نمونو آهي.
دوست وڇڙباآهن ته گهڻا ئي خواب ائين مري ويندا آهن جئين سياري جي ڊگهي بارش ۾ جهرڪين جا ٻچڙا ....
خوابن کي جهرڪين جي ٻچڙن سان خوبصورت تشبيهه ڏني وئي آهي پر خيال پنهنجي مشاهدي ۾ اڻ ٺهڪندڙ آهي. ڇو ته جهرڪيون پنهنجا آکيرا صرف اونهاري/سانوڻ ۾ ئي جوڙينديون آهن ۽ جهرڪين ۾ واڌ ويجهه وارو عمل گهڻي قدر سانوڻ ۾ ٿيندو آهي. اهڙي طرح مٿين تصور ۾ سياري جي ڊگهي بارش بدران سانوڻ جي ميگها جو استعمال ڀرپور ٺهڪندڙ آهي.
رنگ سازيءَ لئه هٿ گهرجن، جيڪي نه تو وٽ آهن نه مون وٽ ـــ پو به اسين رنگ ميڙي ڪنهنجي اننت اوسيئڙي ۾ ويٺا آهيون!؟
هي تصور پنهنجي خمير ۾ ئي متضاد آهي، ليکڪ هڪ ئي جملي ۾ ٻه طرفي ڳالهه دهرائي آهي: رنگ سازي لئه هٿ گهرجن، جيڪي نه تو وٽ آهن نه مون وٽ ـــ پو به اسين رنگ ميڙي ڪنهنجي اننت اوسيئڙي ۾ ويٺا آهيون؟ هاڻ اوهان ئي سمجهو ته هي تصور پنهنجو پاڻ ۾ اڻ ٺهڪندڙ ۽ متضاد ڀاسي ٿو يانه؟
اڃا ڪو تاثر ناهي.