ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ محاڪات
عباس ڪوريجو
محاڪات ڪنهن به شيءَ يا حالت جي جيئري جاڳري نقش کي سڏجي ٿو. اهڙو نقش، جنهن مان انهيءَ حالت/ شيءِ جي تصوير اڳيان ڦرندي رهي. جهڙي طرح هڪڙو مصور مختلف رنگن جا چِٽ چِٽي ڪو خوبصورت منظر تخليق ڪري ٿو، اهڙي طرح شاعر کي به محاڪات جي لاءِ تشبيهه ۽ عڪسيت جي ضرورت پوندي آهي. مصور موجود شين جي عڪسبندي ڪندي منظرن کي فقط چمڪائي ٿو، پر هڪ شاعر محاڪات جي جادوءَ سان غير موجود شين/ احساسن کي محسوس ڪرائي ٿو.
شاعر تشبيهه ۽ استعارن جي استعمال سان پنهنجي مشاهدن جو نقشو اهڙو ٿو چٽي جو ذهن ڌُڏي ٿو وڃي. مختلف شاعر عڪسيت / منظر نگاريءَ جي فن سان پنهنجي شعر کي وسعت ۽ خوبصورتي بخشيندا آهن. عام طور تي رات جو چانڊوڪي، سج لهڻ جو منظر، باغن ۾ ڪوئل جو جهونگارڻ، گلن جو هوا جي جهوٽي تي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ وغيره جهڙا عڪس سنڌي شاعريءَ جي زينت بڻبا رهيا آهن، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ حد درجي جي محاڪات جو استعمال آهي.
جيئن لطيف سرڪار سُر کاهوڙي، داستان ٻيو:
“جت نه پکيءَ پير، تت ٽهڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙڪي کير ريءَ.”
سُر ڪيڏارو، داستان ٻيو:
“ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون،
جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،
منهن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.”
سُر ڪوهياري، داستان پنجون
“حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏري . . .
وَڃن وڻ ٻري، اوڀَرُ اڀري ڪينڪي.”
سُر سارنگ، داستان پهريون
“آگم ڪيا الله، لڳهه پس! لطيف چئي،
پلر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پاههَ،
واحد وڏائي ڪيا، مئي گست گاهه،
سانگين وريا ساهه، اُٺن آب آگوندرو.
سُر رامڪلي، داستان اٺون
“اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
ڪجهه وڌيڪ مثال:
ڳجهڙين ڳارو، راتون ڏينهان رڻ ۾،
پيون پڇن پاڻ ۾ ته ڪنهن منهن ڪيڏارو،
کائن کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪنو ٿئي.
ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، تنهن رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا.
ڀلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
ڀٽائي ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن،
ٻه ٽي نينگريون چاندنيءَ ۾ پتڻ،
لٿيون اپسرائون سجاول ۾ ڄڻ.
اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ محاڪات / عڪسيت کي لفظن کان مٿانهون ڪري بيان ڪيو آهي. سڀ منظر ڌرتيءَ ڌڻين جا، واهڻن وستين جا، سڀ رنگ مٽيءَ جا.
ڪتاب “ڪي جو ٻيجل ٻوليو”:
رات وارن کي وري ڇنڊڪو ڏئي،
اوچتو ڪاري گهٽا برسي پيئي،
ڇو ڏهر ۾ ٿي وڃين ڏيئو کڻي،
رات ڪارونڀار جي آهي، هئي!
تِکا ڪيئن نه ماري ويا تاڙ ۾!
لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي، لاڙ ۾.
جهوپڙي ٻاهران رات جهانجهر وڳي،
پير ڪنهن جا هيا؟ ڪير مون کان ڀڳي،
سون جهڙي جواني اسان کان وٺي،
وار چاندي ڪيئي، عمر ايڏي ٺڳي!
“سورج مکي سانجهه” مان ڪجهه مثال:
روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿي!
جيءَ سان جيءُ ائين جوڙيو ٿي،
چوڙيون چنڊ جيئن ٽٽيون آهن،
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿي.
تو بنا من اجڙ ڳوٺڙو،
پيار جي جهوپڙي ٿي لڳين،
ناهه تو توتي وچولي وهي،
پاڻ کان ننڍي ٿي لڳين،
باک جو ماڪ رابيل تي،
ائين محبوبڙي ٿي لڳين.
پِرين پاڻ ئي پير آيا ڀري،
وري چنڊ سان اڄ اڱڻ ٿو ٻري،
پَرينءَ پار ميهار سوچي پيو،
ڪٿي آهي سهڻي؟ گهڙو ٿو تري.
ڪتاب “ڪتين ڪَرَ موڙيا جڏهن” مان هي محاڪات جو مثال پڙهون ٿا:
ٿي ٻريو جام، مند پاري جي،
ائين ڪٽي راتڙي سياري جي،
مون ڇِڪي ڪالهه رات ٻوڪي ۾،
کوهه ۾ روشني ستاري جي.
مٿين مثالن جي روشنيءَ ۾ تشبيهن جي خوبين ۽ ڪم،ال جي فني عڪسي جو تصور ڪرڻ سان ڀٽائيءَ ۽ اياز جي فڪري اڏامي انتهائي اعليٰ نظر اچي ٿي.
نهايت فطري ۽ سنڌي سماج جون متحريڪ تصويرون اکين اڳيان اچي وڃن ٿيون. محاڪات هڪ شاعر ۽ غير شاعر ليکڪ جي فرق کي معلوم ڪرڻ ۾ اهميت رکي ٿي. شاعر جو مشاهدي / مطالعي ۽ فڪري گهرائيءَ جو پتو پڻ پوي ٿو.
اڃا ڪو تاثر ناهي.