عباس ڪوريجو جي ناول "وڻ" جي مختصر تجزيو
سڪينہ ويسر
سنڌي ادب ۾ اسيءَ جي زماني ۾ شاهڪار ناول لکيا ويا هئا. (جن جي ڪلهي تي اڄ به ناول ساھ کڻي رهيو آهي). تنهن کانپوءِ جي چند ڏهاين ۾ سَونِ مان مڙئي ڪو هڪ پڙهڻ جهڙو ناول ڇپجي پڌرو ٿيو هوندو ۽ اڄ به جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي جنازي تي ويڻُ ڪرڻ جهڙا ناول ڪافي تعداد ۾ لکيجي رهيا آهن. پر اهڙي وقت ۾ ڪافي وقت کان پوءِ ڪو پڙهڻ جهڙو سنڌي ناول هٿ لڳو. جنهن جي بياني ۽ پيشڪش جي انداز ۾ ايتري ته رواني آهي جو ڪو به عام پڙهندڙ هن ناول کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪري وڃي. ناولنگار جي ٻولي سادي ۽ نج آهي. ناولنگار جي بيان ۾ رواني سان گڏ ٺهراءُ به آهي. هو سادي انداز ۾ زندگي جي المين کي بيان ڪرڻ جي هنر کان چڱي طرح واقف آهي.
عباس انساني سماج کي جهنگ سان مشابهت ڏئي فرد جي ڪيفيتن جو اظهار هڪ وڻ طور ڪيو آهي واقعي اسان جو سماج به ڪنهن جهنگ مثل ئي ته آهي! جنهن جو هر فرد هڪ وڻ آهي. جيڪو پنهنجي ذات جي محور جي چوڌري ڦري ٿو ۽ پنهنجي اندر پوري جهان کي جنم ڏيڻ جي سگھ رکي ٿو. جيڪو پنهنجي ئي ڪيفيتن ۽ احساسن جي عجب ڄار ۾ ڦاٿل رهي ٿو. هن انساني جهنگل ۾ به زندگي آرئي سان لُوئي ۽ وڍي وڃي ٿي. هتي به ته وڻ جي پاڙن ۾ لڪل ڊڀ ڪنهن کي نظر نه ٿا اچن. هتي به ته ٻوڙا لتاڙجڻ لاءِ ڦٽندا آهن.........
عباس جي هن ناول کي پڙهندي الائي ڇو خيال هر هر بانو قدسيہ جي ناول "راجہ گدھ" طرف ٿي ويو، ٻنهي ناولن ۾ ٻيلن جو منظر بيان ٿيل آهي. ٻنهي ناولن ۾ پکين جي انسانن نما ڪچهري ۾ سماجي ۽ نفساني معاملن تي بحث ڪيو ويو آهي. بحرحال ننڍين تمثيلي ڪهاڻين تي مشتمل هي ناول زندگيءَ جي پرک جو هڪ نئون رخ ڏيکاري ٿو. مصنف هن ناول جي ڪردارن کي متحرڪ به ڏيکاريو آهي ته ساڪن به، مسئلن جو شڪار به ته پرتجسس ۽ باهمٿ به.........
عباس ڪوريجو جو ناول "وڻ" پڙهي محسوس ٿيو ته سنڌي ناول ۾ اڃان وڌڻ ويجهڻ ۽ تمثيلي ڪهاڻين جي مدد سان سماج جي اصلاح ڪرڻ جي سگھ موجود آهي.
اميد آهي ته جلد سندس اهڙا ٻيا ناول به پڙهڻ لاءِ ملندا. آخر ۾ بس ايترو چوندس تہ عباس! وجوديت دل جو اهو بار آهي جنهن تي انبارَ پٿرنَ جا رکي ڇڏجن ته پوءِ به سڪون نہ ملندو............
اڃا ڪو تاثر ناهي.