📅
Twitter/X Instagram Facebook
نواڻ
مکيه صفحو› شاعري› شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

✍️ ايڊيٽر ·📅 23 ڊسمبر 2013 ·🏷️ شاعري ·⏱️ 1 منٽ ·👁 13
فونٽ:
📤 شيئر 💬 واٽسايپ

(چونڊ 15 بيت: عباس ڪوريجو)

  1. اِن در سندي مڱڻي، اڳي ائين نه هير

جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي.

  1. هنيو ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ

کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سَڳر ٿوڪ

  1. پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾

  1. پاڻيهاري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري

ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.

  1. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ

جي پڌ وڌئي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ

  1. جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا

ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه

  1. تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سکُ

سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک

  1. وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئان موران، پکئان

با الله سندو سڄڻين، هو هلاچو هُلُ

  1. جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري

  1. ور سا سچي ويڙهه، جتي سڄڻ هيڪڙو

سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙهئين

  1. ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنهن نه نيا پاڻ سين

سڪڻ سپرين کي، لاڳاپا سين لوڪ

  1. نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون

ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون

  1. پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير

جو لکڻ منجهه ماڙهوئين، سو ڪلکڻ ۾ کير

  1. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن

دانهون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻين

  1. سڏ نه سلامي ٿئا، وهيءَ نه وريا جي

هاڻي تنين کي، ناهي ماڳ ملير ۾

شاھ ڪريم بلڙي وارو شاعري
تاثرات (0)

اڃا ڪو تاثر ناهي.

لاڳاپيل تحريرون
شاعري
شاعري اسحاق سميجو
شاعري
چريءَ کي ڪير سمجهائي!؟؟
شاعري
غزل عباس ڪوريجو
شاعري
غزل